اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز چيو آهي ته ??يب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو عمل ??اري رهندو. مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجيده ڪيسز آهن، بلاول ڀٽو جو ??يب کي بند ڪرڻ ۽ ??يب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اي?? اي ٽي ايف جا قانون ملڪ جي لاءِ آهن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، اي?? اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪرڻو آهي، اميد آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ اي?? اي ٽي ايف قانون پاس ٿي ويندو.