اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئ?? آهي ته ڪورونا کان متاثر ماڻهن کي رليف ڏيڻ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪن، موجوده حڪومت سڌارن جي ايجنڊا تي سختي سان عمل ڪري ره?? آهي ۽ مافي?? جي خلاف ڪارروائي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائي??دي ڪيو جن ڪالهه ساڻس ملاقات ڪئي.