اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سا?? گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سا?? گڏ رهنداسين. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جابرا??ي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سا?? ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سا?? اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ڀارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو م??ئل?? کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سا?? گڏ رهڻ جو فيصلو پاڻ ڪن پر ڪشميرين کي اڄ تائين اهو حق نه مليو.