اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ن??ڻي ۽ اوڳاڙين بابت صلاحڪار ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه حسن بشير، فنانس سيڪريٽري نويد ڪامران ب??وچ ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري عمر حميد خان پڻ موجود هئا. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ سي??ٽر جي جولاءِ ۽ آگسٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ڪليمز فارم ايڇ بدران پراڻي اي ار ايس نظام تحت ڀرڻ ۽ ادا ڪرڻ جو وفد جو مطالبو تسليم ڪري ورتو.