ماسڪو- 22 آگسٽ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته چين سان واپاري ??اڳ??پن کي تيزي سان وڌائي رهيا آهيون. سي جي ٽي اين مطابق روسي صدر گادي واري شهر ماسڪو جي ڪريملن پيلس ۾ چين جي وزيراعظم لي چي??نگ سان ملاقات ڪرڻ بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل وسيع پيماني تي گڏيل پلان ۽ اقتصادي ۽ ان??اني منصوبا عمل هيٺ آهن. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهين بعد طئي ڪيل معاهدن ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي. اميد آهي ته صدر شي هلندڙ سال قازان ۾ متوقع برڪس سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. روسي صدر وزيراعظم لي چي??نگ جي ماسڪو جي دوري دوران پڻ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن طرف اشارو ڪيو ۽ چيو ته توهان ??ان ملاقات اسان لاءِ خوشي جو سبب آهي. اسان ??ي چيني هم منصبن جي پڻ ڪوششن سان ??وس – چين جا واپاري ??اڳ??پا ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ڪاميابي سان ا??تي وڌي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان گڏيل پلان ۽ اقتصادي ۽ ان??اني منصوبا عمل هيٺ آهن. چين جي وزيراعظم لي چي??نگ به چيو آهي ته روسي صدر جي قيادت هيٺ روس 12 سالن ۾ مستحڪم شڪل ۾ اقتصادي ترقي ڪئي آهي.