بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري جي عراق جي 3 ڏينهن جي سرڪ??ري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقافي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت ??ي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪ??ري پاسپورٽ تي ويزا ج?? خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت ??ي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لا??اپ?? آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.