اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪ??تا??ين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون، سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هو??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته اوورسيز پاڪ??تا??ي اسان جو انتهائي قابل قدر اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي ج?? لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪئي ته اسلام آباد جي رهواسين کي عالمي معيار جون شهري سهولتون ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا ڀرپور ڪوشش ڪن. وز??راعظم هدايت ڪئي ته سمورن ترقياتي منصوبن جي تعمير تيز ڪئي وڃي جڏهن ته شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هو??دو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ جديد سهولتن سان ليس رهائشي يونٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمنڊ پار پاڪ??تا??ين جي لاءِ هائوسنگ اسڪيمز شروع ڪيون ويون آهن، انهن اسڪيمز ۾ هڪ ئي وقت ادائيگي تي اوورسيز پاڪ??تا??ين کي 15 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي بهترين لوڪيشنز تي 45 ڪمرشل پلاٽس نيلامي ج?? لاءِ تيار آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ 10 بلين رپين جي پئڪيج تي ڪم جاري آهي ج??هن سان اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ترقي ج?? نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف روٽس تي 160 اليڪٽرڪ بسون هلايون وينديون، انهن مان 2 روٽس جي لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون جون جي وچ ڌاري اسلام آباد پهچي وينديون. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ گهٽ مدي وارو سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبو جون 2023ع ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڊگهي مدي واري منصوبي ج?? حوالي سان عالمي ٽينڊر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وز??راعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد جي لاءِ جامع سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان کي وفاقي ڪابينا کي منظوري ج?? لاءِ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، وز??راعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قومي اسيمبلي ج?? اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ج?? چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.