اسلام اباد- 11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي انساني حقن جي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حارث خل??ق چيو آهي ته نو آبادياتي قانونن کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ ترميم جي ضرورت آهي، جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي پارلياماني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بغاوت جو قانون ۽ سيڪريٽ ايڪٽ وغيره جهڙن نوآبادياتي قانونن کي ختم نٿو ڪيو وڃي ته ان ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي، کدڙن فقيرن بابت قانون ۾ ترميم نه ٿيڻ گهرجي ۽ جبري گمشدگين کي ڏوهه قرار ڏيڻ گهرجي. حارث خل??ق چيو ته اسان کي پاڪستان جي 4 کان 5 سيڪڙو اقليتي برادري ۾ اضطراب پ??دا نه ڪرڻ گهرجي.