اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزير??عظ?? هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سردار اختر مينگل وزير??عظ?? کي بلوچستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پاران وزير??عظ?? جي ملڪي بقاءَ ۽ بلوچستان جي ترقي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو ??ظه??ر ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏوگڏ گوادر جي مقامي ماڻهن کي عالمي معيار جي شهري سهولتن جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سردار اختر مينگل چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير??عظ?? شهبا?? شريف بلوچستان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خو??حالي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو، ٻوڏ دوران وزير??عظ?? بلوچستان جي علائقن جو پاڻ دورو ڪري متاثر بلوچن جو درد ونڊيو جيڪو اڄ کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته وزير??عظ?? محمد شهبا?? شريف گذريل هڪ سال ۾ ملڪ ۾ شديد معاشي مشڪلاتن ۽ قدرتي آفتن جي باوجود ملڪي معيشت کي مستح??م ڪيو.