اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشو??نس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشو??نس ڪليم ادا ڪرڻ جو ??ڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف انشو??نس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف انشو??نس ڪمپني بيواهه کي لائيف انشو??نس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو ??و. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ڪيو ته فوتي جي موت رستي حادثي سان سڌوسنئون نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا ??ڪم برقرار رکندي چيو ته اسٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ته ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ??يو ته فوتي جو موت مرگهي سان سڌوسنئون ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ڪيو ته رڳو پوليس رو??نا??چي تي دارومدار ڪيو ??يو. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسر جي رپورٽ ۾ فوتي پاليسي هولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيو ??يو آهي ته آفيسر فوتي پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيئن ته بدانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي فوتي مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لائيف انشو??نس پاليسي حاصل ڪئي، اڪرم مسيح جو موت رستي حادثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشو??نس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ ??ڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لائيف محتسب جي ??ڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف انشو??نس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.