اسلام آباد – 29 – ??ارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپي ??ون??ن پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصل?? جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي خاتمي/ دهشتگرد?? جي مالي معاونت جي خاتمي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپي ??ون??ن جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ٿيندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي ??ون??ن سان گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ملڪن سان اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.