اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائ?? جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ توانائي وسيلن جي بيورو جي اسسٽنٽ سيڪريٽر?? جيفري پياٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. جيفري پياٽ پاڪ – آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي لاءِ آمريڪي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان توانائ?? جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. اسسٽنٽ سيڪريٽري قابل تجديد توانائ?? جي پاليسي تي پاڪستان کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ جاري ڳالهين ۽ تعاون جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي ترقي، توانائ?? جي حفاظت، ٻوڏ کان بحال?? جي ڊگهي مدي واري ڪوششن ۾ حصيداري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. پاڪ آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ هڪ گڏيل قدم آهي جنهن جو مقصد توانائ?? جي حفاظت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائ?? جي ترجيحن، قابل تجديد توانائ?? جي منتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائ?? جي شعبي ۾ اقتصادي ۽ واپاري موقعا ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو. ملاقات دوران سمنڊ، ماحوليات ۽ سائنس با??ت اسسٽنٽ سيڪريٽري مونيڪا ميڊينا جيڪا سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوءَ پاڪ آمريڪا موسمياتي ۽ ماحوليات ورڪنگ گروپ جي ميٽنگس جي لاءِ هڪ وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. هن ان عزم کي ساراهيو جنهن سان پاڪستان حڪومت گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. ڏکڻ وچ ايشيا با??ت پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ ۽ چيف ڪلائميٽ آفيسر، ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جيڪ ليوين پڻ وفد ۾ شامل هئا. سينيئر آمريڪي سفارتڪارن با??يڊن انتظاميا جي پاڪستان آمريڪا لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديل?? جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ن??ڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ??صدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، جهانزيب خان ۽ سيد فهد حسين پڻ موجود هئا.