اسلام آب??د -04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن گذريل 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظمن کي منهن ڏنو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي قابض فوج ڪشميرين ??ي ظلم ڪري ??هي آهي ۽ کين ??ندن حقن کان محروم ڪري ??کيو آهي، هن چيو ته اڄ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي مقرري وارن علائقن مان هڪ آهي جتي 9 لک کان وڌيڪ قابض ڀارتي فوجي مقرر آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ج?? پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن سان والاريل ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جو نئون باب کولي ڇڏيو آهي، ڀارتي حڪمرانن چونڊ تڪن ??ي تازي حد بندي، غير ڪشميرين کي لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ لکين ??ير ڪشميرين کي شامل ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪشميرين کي انهن ج?? پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪشميري مسلسل خوف جي حالت ۾ زندگي گذاري ??هيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال ۽ عدالتن کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري ??هي، سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن ک?? پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ، غير قانوني حراستن، تشدد ۽ جائيدادن جي ضبطي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته ڀارت ک?? پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? پنهنجي سنگين ??لاف ورزيون ختم ڪرڻيون پونديون. ڀارت آب??دياتي ڍانچي ۾ تبديلين ??ميت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي واپس وٺي. هن چيو ته ڀارت سخت قانونن کي ختم ڪري ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جي معاملن ۾ گڏيل قومن جي طرفان ڏنل جاچ جي اجازت ڏي ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته مون پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ڏيارڻ چاهان ٿو ته جيستائين ڪشميري ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، پاڪستان ڪڏهن به سک سان نه ويهندو ۽ نه ئي خاموش تماشائي بڻجندو. ڄمون ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪشميري ??وام جي ان وقت تائين ??ڻٽر اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري ??کندا جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري ??ق حاصل نٿو ٿئي.