ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو ??ضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي جي دوري جي پهرين ??ين??ن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظ??ار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ جي دوري جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ??ظ??ار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي رفتار تي به اطمينان جو ??ظ??ار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف يو اي اي جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو ??ظ??ار ڪيو جنهن جي لاءِ تاريخ جو ??عين سفارتي ذريعن جي ذريعي ڪيو ويندو.