اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ موثر بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) جاري ڪري ڇڏيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف سان من??وبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وز??ر احسن اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس آر ايف 4 رپورٽ جي ڪاپي پيش ڪئي. ملاقات ۾ من??وبابندي وارو سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه ۽ من??وبابندي واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. من??وبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال وز??راعظم کي آگاهه ڪيو ته آر ايف 4 دستاويز تازي موسمياتي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ??ي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ايڪشن پلان آهي، هي دستاويز هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ڪيل ٻوڏ کانپوءِ نقصانن ۽ ضرورتن جي ڪاٿي (پي ڊي ??ين اي) رپورٽ جي اندازي موجب نقصان تي ٻڌل آهي. وفاقي وز??ر ٻڌايو ته آر ايف 4 دستاويز ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري موثر موسمياتي حڪمت عملي شامل آهي. وز??راعظم ان اهم فريم ورڪ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان جي لاءِ ٺوس موقف کي اختيار ڪرڻ تي من??وبابندي، ترقي ۽ خصوقي قدمن واري وزارت، ترقياتي حصيدارن، لاڳاپيل وزارتن، اين ڊي ??يم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن من??وبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وز??ر ۽ سندس ٽيم کي انهن جي محنت تي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته 9 جنوري 2023ع تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيندڙ ايندڙ ترقياتي ڪانفرنس ۾ ان فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ضروري ڪوششون ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته من??وبابندي واري وزارت پرڏيهي وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سان گڏجي دستاويز جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورن ڌرين تائين موثر فراهمي جي لاءِ ضروري قدم کڻي.