اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خ??رن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪ??ڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خان منهنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پار ڪئي، بي بنياد الزامن سان منهنجو ۽ منهنجي خ??ندان جو مذاق اڏايو ويو، ??تح سچائي جي ٿيندي آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پار ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اهو خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته مون تي ۽ منهنجي خ??ندان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مون کي الله تعاليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪ??ڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خ??رن جي عمر مختصر هوندي آهي ??تح سدائين سچائي جي ٿيندي آهي ۽ ڊيلي ميل جي خ??ر اهو ثابت ڪيو آهي.