اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شري?? چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پ??ڪس??ان جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ??لڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم شهباز شري?? چيو ته اتحادي حڪو??ت سياسي قيمت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ??اهريون واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پ??ڪس??ان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪو??ت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پ??ڪس??ان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي رخ گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.