اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي عدالت وڃڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته عمران خان بس گهڻو ٿي ويو، فارن فنڊنگ، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو جواب ته ڏيڻو پوندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گهڙيءَ عمران خان 2 ڪروڙ جي خريد ??ئي ۽ هينڊلر جي ذريعي 28 ڪروڙ جي ??ڪر?? ڪئي، پئسا مني لانڊر ٿي پاڪستان آيا ?? ڊڪليئر نه ڪيا ويا. هن چيو ته عمران خان پاڪستان، دبئي، مر??خ يا پوءِ چنڊ تي ڪٿي به ڪيس ڪري، رسيدون ته اتي به ڏيڻيون پونديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڀڀڪيُون نه هڻي، سوال اهو آهي ته گهڙيءَ 2 ڪروڙ جي خريد ??ئي 28 ڪروڙ ۾ ??ڪر?? ڪئي، پئسا پاڪستان فرح گوگي آندا ۽ پئسا ڊڪليئر نه ڪيا. هن چيو ته عمران خان اعلان نه ڪري، عدالت وڃڻ جي تاريخ ٻڌائي. عدالت وڃڻ جي تاريخ سان گڏ گهڙيءَ ??ڪر?? ڪرڻ جي رسيد به ٽوئيٽ ڪري. هن چيو ته عمران خان 2 ڪروڙ ۾ گهڙيءَ خريد ڪري 28 ڪروڙ ۾ ??ڪر?? ??ئي ۽ ان کي ڊڪليئر نه ڪيو، ان ۾ شاهزيب، جيو ۽ مير ابراهيم جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن چيو ته عمران خان صاحب ٻڌائي ته گهڙيءَ جا پئسا پاڪستان ڪنهن آندا ۽ ڪيئن آندا؟ هن چيو ته عمران خان توهان جا هينڊلرز فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر پڪڙيا ويا آهن، عمران خان ٻين تي ڪوڙا الزام هڻي جڏهن ته پاڻ سڳ سُوڌو پڪڙيو ويو ته چيو ته بي بنياد الزام آهن. مر??م اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪوڙن الزامن تي سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو ۽ پاڻ تي ڏوهه ثابت ٿيو ته بي بنياد هُجڻ جو روڄ راڙو شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان توشه خانه ڪيس جي ڪنهن به نوٽيس جو جواب نه ڏنو ۽ ڪنهن جاچ ۾ شامل نه ٿيو.