آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز????اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ وي??هي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته توانائي جو شعبو موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته وز????اع??م ۽ آذربائيجان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وز????اع??م آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز????اع??م محمد شهباز شريف سيڪا ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، ز??اع??، رابطي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ وي??هي ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز????اع??م شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر لکين ماڻهن جي بحالي ۽ غيرمعمولي موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان تباهه ٿيندڙ انهن جي روزگار جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. وز????اع??م چيو ته ٻوڏ سان بيٺل فصل کي پهچندڙ نقصان ۽ ايندڙ ڪٽائي جي موسم ۾ پوکيءَ نه ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان خطري کان بچڻ ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ جي لاءِ يوريا جي درآمد ضروري هئي. آذربائيجان جي صدر ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وز????اع??م شهباز شريف ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيجان جي ٺوس موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر طور ان جي اڻٿڪ ڪردار کي ساراهيو. هن اڳوڻي نگورنو ڪاراباغ تي آذربائيجان سان پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو ۽ ڏکڻ قفقاز ۾ ڊگهي مدي ۽ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ صدر الهام عليوف جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪارائتي تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مصروفيتن کي تيز ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف قدمن جي اڳڀرائي جو جائزوورتو. وز????اع??م توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وي??هي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو ان جي حڪومت جي لاءِ هڪ اعليٰ ترجيحي شعبو ??هي. وز????اع??م پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر کي آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي تعاون جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو آهي جنهن گذريل مهيني باڪو جو دورو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وز????اع??م شهباز شريف علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سربراهي سطح تي مشاورت جي تجويز پيش ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏنو ويو. سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند، ازبڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي هي ٻي ملاقات هئي جنهن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ هم آهنگي جي عظيم روايت کي برقرار رکندي گهڻ رخي اقتصادي رابطن ۽ تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجاخيز موقعو فراهم ڪيو.