اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ مت??ثر عوام جي حالتن تي ??نت??ائي ڏک آهي، حڪومت جلد کان جلد هر مت??ثر پاڪستان?? تائين پهچندي، عالمي ادارا ٻوڏ مت??ثرين جي مدد جي لاءِ اڳتي اچن، اڪيلي حڪومت مت??ثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ مت??ثرين جي مدد جي لاءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي مع??ملن واري ڊو??زن ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن، صحت جي عالمي اداري جا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحال آهي، وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته 2010ع کان به وڌيڪ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن جي مت??ثرين کي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت، صوبن، مرڪزي ۽ صوبائي کاتن جي حصيداري سان ڪم ڪري رهي آهي، فوري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين جي ٻوڏ مت??ثرين کي فوري روڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، مجموعي طور تي 37 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ مت??ثرين تي خرچ ٿيندي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو وڌيڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوبائي حڪومتون مت??ثرين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري سگهن، عالمي ادارن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ادارن جو هنگامي تعاون گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پهرين ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهيان، وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن مت??ثرين جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي اچي. هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن، تنظيمن جي مدد سان مت??ثرين جي مدد ۾ وڏي مدد ملندي، فوج، سرڪاري ادارا، شهري خدمتن جا ادارا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، مت??ثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل ??نت??ائي ڏکويل آهي، جلد کان جلد هر مت??ثر پاڪستان?? تائين پهچڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم انٽرنيشنل پارٽنرز کي اپيل ڪئي ته اهي وسيلن جي دستيابي سان اسان جي مدد ڪن. هن چيو ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري شين جي فراهمي گهربل آهي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي مت??ثر علائقن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان حڪومت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز جي دوري جا انتظام ڪندي.