اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي ۽ ان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ت?? شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، اهي حق جي راهه جا شهيد آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ت?? پوري قوم شهيد ط??حيٰ منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ مائرن ۽ عزم ۽ استقامت جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ت?? پاڪ ف??ج جو هر آفيسر ۽ جوان ملڪ جي خدمت سان سدائين سرشار رهيو آهي. شهيد ط??حيٰ منان جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد ط??حيٰ منان جي والده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد ط??حيٰ منان کي ان جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.