اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته يانگ جيچي ??اڪ??تان جو مخلص دوست آهي ۽ هو ??اڪ??تان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم شهب??ز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي وزير ح??ا رباني کر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو ??اڪ??تان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد جي آجيان ڪري ٿو. هن يانگ جيچي سان 2015ع ۾ چيني صدر جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته چيني صدر جي وفد جي اهم ميمبر جي حيثيت سان يانگ جيچي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چيني صدر سان ان وقت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون جيڪا اصل ۾ سي پيڪ جي شروعات هئي. وزيراعظم چيو ته يانگ جيچي ??اڪ??تان جو مخلص دوست آهي، جنهن سدائين ??اڪ??تان جي ڪاز جي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم پ??هنجي بيجنگ جي دوري جو به ذڪر ڪيو، جڏهن ساڻس يانگ جيچي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته سي پيڪ جا منصوبا، سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. يانگ جيچي چيني صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پ??غا?? پهچايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهب??ز شريف جي قيادت ۾ ??اڪ??تان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.