اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري سبينو سڪندر جلال معاشري مان منشيات جي لعنت جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۽ ميڊيا جي ذريعي عوام ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه ??نف??رميشن سروس اڪيڊمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي ڊي جي ??نف??رميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد ۽ قومي خابرو اداري اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي به خطاب ڪيو، سيمينار ۾ ??نف??رميشن گروپ جي زير تربيت آفيسرن منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پنهنجون پنهنجون پريزينٽيشنز ڏنيون، سبينو سڪندر جلال چيو ته ??نف??رميشن آفيسر ميڊيا ۾ منشيات جي لعنت جي مسئلي کي اجاگر ڪندي ان جي روڪٿام ۾ موثر ڪردار ??دا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته منشيات جو استعمال گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي سوسائٽي جو حصو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 435 بلين ڊالرز جي ماليت جي منشيات جو غير قانوني ڪاروبار ٿي رهيو آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪ ان جي روڪٿام لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته منشيات کي روڪڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان جي طلب کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ??گڏ ان جي خراب اثرن جي باري ۾ آگاهي به پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان هڪ پاڙيسري ملڪ ۾ افيون جي وڏي مقدار ۾ پوک ڪئي ويندي آهي، پاڪستان کي يورپي ملڪن ۾ ان جي اسمگلنگ لاءِ راهداري جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ان جي روڪٿام لاءِ 35 ايجنسين جنهن ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا شامل آهن کي اختيار سونپيا ويا آهن، هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ??نف??رميشن آفيسر طور منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پيغام کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين موثر انداز ۾ پهچائي سگهو ٿا. اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي جج طور فرض سرانجام ڏيندي مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي ت??ري??ن جو جائزو ورتو ۽ ڪامياب ٿيندڙن جو اعلان ڪيو، هن ڪامياب ٿيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ت??ري??ون ۾ سدائين حقيقي انگن اکرن جو حوالو ڏين، ڊي جي ??نف??رميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته مستقبل جي ميڊيا مينيجرز جي حيثيت سان ??نف??رميشن آفيسرن کي معاشري جي مسئلن جي باري ۾ بهتر طور تي آگاهي هجڻ گهرجي، هن خصوصي مهمان جو ٿورو ??دا ڪندي مقابلي ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني.