اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي متحده عرب امارات جي سفارتخا??ي جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان، عوام ۽ متحده عرب امارات جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چ??و ته شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستاني عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چ??و ته متحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي وفات ٻنهي ملڪن جي لاءِ وڏو نقصان آهي ۽ هو پاڪستاني قوم جي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چ??و ته پاڪستان متحده عرب امارات جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، مرحوم شيخ خليفه بن زايد النهيان جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف علوي چ??و ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوست?? کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تعزيتي دوري تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چ??و ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، هن متحده عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي به ساراهيو.