ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار ??ي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار ??ي گلن جي ??ادر چاڙهي، اربع ڏينهن وزيراعظم جي ??راچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم سان پنهنجي ??ابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار ??ي گلن جي ??ادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ ??هم??نن جي ??تاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد محمود، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.