بيجنگ – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئ??ن اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين پهچي ويو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افعانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ آهن. هوانگ شن عالمي ايئرپورٽ پهچڻ تي چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير مع??ن الحق ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئ??. پ??ڏيهي وزير پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئ??ن اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پنهنجي اهم خطاب ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندو. چين ۾ منعقد افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي ٽئ??ن اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير چين، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.