اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ ??ي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، اداري جي سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ ??ي صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ جو اداري ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته م??رڪ??ٽ کان بهترين ماڻهن کي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ ??ي به زور ڏنو.