اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي، پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل چي?? جي پرڏيهي وزير ۽ اسٽيٽ قونصلر وانگ زي وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وانگ زي جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي گذريل ڏينهن چائنا ايسٽرن فلائٽ جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي همدردي جو اظهار ڪيو. چي??ي پرڏيهي وزير چي?? جي صدر شي جن پنگ ۽ چي??ي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران وزيراعظم جي پرخلوص خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ چي?? پاڪستان جي وچ ۾ هر موسم ۾ تعاون ۽ حصيداري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ۽ چي??ي پرڏيهي وزير پاڪ چي?? بطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيجنگ سرمائي اولمپڪس افتتاحي تقريب جي لاءِ پنهنجي تازي چي?? جي دوري ۽ چي??ي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چي?? ته پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو صنعتي ترقي، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن چي??ي سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان جي پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ان جي غيرذميواراڻي رويي کان آگاهه ڪيو جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم ڀارت پاران پاڪستان جي حدن ۾ ميزائل جي نام نهاد حادثاتي فائر بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان پاران ان جي گڏيل جاچ جي مطالبي تي زور ڏنو. وزيراعظم چي?? ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته ٻيهر ائين نه ٿئي. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي فروغ ڏيڻ ۽ اتي انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ويجها لاڳاپا جاري رکڻ جي ضرورت تي پ?? زور ڏنو.