اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪرناٽڪ جي هٿين خالي خددار ڇو??ري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندس??ان کي چٿي ڇڏيو، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان ٿيندڙ تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي اها تصويري نمائش ان سنگين ظلمن جو نق??و پيش ??ري رهي آهي جيڪي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيا ويا آهن، اڄ جي دور ۾ انهن حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. هندس??ان ڊس انفارميشن پکيڙي سگهي ٿو، غيرجانبدار مبصرين کي ??اخ?? ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو، پر سچ کي ٻاهر اچڻ کان نٿو روڪي سگهي، هن چيو ته ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا نوان معيار متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪرناٽڪ ۾ هڪ هٿين خالي خوددار ڇو??ري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان اڪيلي ڇو??ري جي آواز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرايو، شاهه محمود قريشي چيو ته اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هندس??ان کي چِٿي ڇڏيو، هندوتوا پاليسي ڪنهن قدر تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي ان باري ۾ لکين ڪشميرين کي پڇو جيڪي هڪ مدي کان انهن کي منهن ڏيندا پيا اچن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته سيڪيولر سوچ جو اڪثريت جي حڪمراني جي سوچ ۾ تبديل ٿيڻ ڪيترن ئي خطرن جو سبب آهي. ان هندوتوا سوچ جي خلاف رد عمل سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ توهان هندس??ان جي اندر اٿندڙ آوازن مان لڳائي سگهو ٿا. هن چيو ته هندس??ان ۾ هڪ وڏو طبقو ۽ لوڪ سڀا جي اندر مخالف ڌر ??ن نظرياتي تبديلي جي خلاف آواز کڻي رهيا آهن اهي چئي رهيا آهن ته ان هندوتوا سرڪار سيڪيولر ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ کي ملياميٽ ??ري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آئون سمجهان ٿو ته هندس??ان جي اندر اٿندڙ اهي آواز هڪ نئين تبديلي جو پيش خيمو آهن. آئون يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته اڄ ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين جي ??ري ڪشميرين جي دل ۽ دماغ دهلي کان تمام گهڻو پري وڃي چڪا آهن، اڄ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جون نگاهون دهلي طرف ناهن لڳل، پر هو ان جبر جي خلاف بيهي رهيا آهن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي خبر آهي ته اقتصادي مفاد ڪجهه وقت ماڻهن کي خاموش رهڻ تي مجبور ??ري ڇڏيندا آهن پر سچ سدائين ظاهر ٿيندو آهي، منهنجي راءِ ۾ خودمختياري واري حق جي اها جدوجهد ڪامياب سان همڪنار ٿيندي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ان جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين.