ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ ??سا??رن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو ۽ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) سروس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گرين لائين بس تي پنهنجي پهرين سفر دوران آفيشل ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبو ڪراچي جي ماڻهن جي سهولت لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اها سروس ماڻهن کي آرامده سفر فراهم ڪندي. هن چيو ته گرين لائين بس سروس جي ڪري ڪلاڪن جي ڊگهي سفر جو وق?? هاڻي گهٽ ٿي ويو آهي. ان موقعي تي صدر عورت ??سا??رن کان بي آر ٽي گرين لائين بس منصوبي بابت انهن جا خيال پڻ پڇيا. صدر کي جواب ڏيندي ??سا??رن چيو ته اهي هن سروس مان مطمئن آهن ڇو ته انهن کي آرامده سواري ملي رهي آهي. هنن صدر کي ٻڌايو ته اهي روزانو بي آر ٽي ۾ سفر ڪن ٿيون ۽ انهن وٽ بي آر ٽي گرين لائين ٽرانسپورٽيشن ڪارڊ پڻ آهي. عورت ??سا??رن بس سروس تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ نمائش چورنگي جي بس اسٽي??ن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عارف علوي گرين لائين بس ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٽڪيٽ خريد ڪئي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز پڻ صدر سان گڏ هئا.