اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستانين کي وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ م??ين?? ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، انهن جي سهولت لاءِ 8 اوورسيز م??ڪز به قائم ڪيا وڃن. وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق الحسن ملاقات ڪئي. ان دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سهولت بابت معاملا بحث هيٺ آندا ويا. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني جيڪي هن ملڪ جو قابل قدر اثا??و آهن کين وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ م??ين?? ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين لاءِ هڪ ڇت هيٺان مختلف خدمتن جي فراهمي لاءِ ون ونڊو سهولت لاءِ 8 اوورسيز م??ڪز به قائم ڪيا وڃن.