بيجنگ – 03 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 4 ڏينهن ??ي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين ??ي سفير ووجائي ۽ چين ۾ پاڪستان ??ي سفير معين الحق وزيراعظم جو هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. وزيراعظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع ??ي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ٻطر??ي معاملن تي ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي سي پ??ڪ فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان موقعي تي وزيراعظم چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن، مشهور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان آن لائن ملاقاتن کانسواءِ اهم ٻطر??ي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.