اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ب??ان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي و??ي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظها?? ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذ??يو??رن کي قانون جي ڪ??هڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظها?? ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي ب?? قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذ??يو??رن کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي ب??ادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪ??شش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪا جي شهري پريانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظها?? ڪيو.