اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? جي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي کي ڪنهن مذهب، قوميت، تهذيب يا نسلي گروهه سان نٿو جوڙي سگهجي، پاڪ??تا?? دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن ۾ سڀ کان اڳيان رهيو آهي، گذريل 40 س??لن کان تڪرارن ۽ عدم استحڪام جي شڪار افغان??تا?? جو پرامن ۽ مستحڪم ٿيڻ انتهائي اهميت جوڳو آهي، عالمي برادري کي افغان??تا?? کي وڌڻ ويجهڻ ۽ انساني بحران کان بچائڻ ۽ امن سلامتي ترقي ۽ رابطي جي اسان جي گڏيل مقصد کي اڳيان وڌائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هو ڪالهه خميس ڏينهن 13 هين ايشيا يورپ سمٽ اسيم اجلاس کي خطاب ڪ??ي رهيو هو جنهن جي ميزباني ڪمبوڊيا جي حڪومت ڪئي، هن چيو ته اسان اسيم جي سڀني ميمبرن جي تعاون جي جذبي کي ساراهيون ٿا جن ان منفرد ٻ?? علائقائي فورمن کي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مفيد پليٽ فارم بڻايو آهي ته جيئن انهن چئلينجن جو موثر جواب ڏيڻ لاءِ اسان پنهنجي نقطه نظر کي هم آهنگ بڻائي سگهون، سربراهي اجلاس جو عنوان گڏيل ترقي لاءِ گهڻ رخن ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ، اسان جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پائيدار مستقبل جي تعمير لاءِ عظيم عزم جي حقيقي معنيٰ ۾ عڪاسي ڪري ٿو، هن چيو ته حقيقت ۾ صرف گڏيل تعاون تي ٻڌل ڪوششن وسيلي ئي اسان اڄ ڏکين ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل خطرن ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا، اها ڳالهه وڌيڪ واضح آهي ته اسان کي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ گهڻ طرفن رخن طرف موٽڻ ۽ انهن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪووڊ 19 ۽ ان جي گهڻ رخي طبي سماجي، ۽ اقتصادي خطرن ثابت ڪيو آهي ته اهڙي طرح جي مشڪل گڏيل مسئلن مان ڪو به ملڪ اڪيلي سر نٿو نڪري سگهي. اسان کي وبائي مرضن موسمياتي تبديلي، غربت جي خاتمي، دهشتگردي، تڪرارن جي حل، گهرو ويڙهه، عالمي منظم ڏوهن، واپا??ي رستن جي حفاظت، سابئر ڪرايئم ۽ بدسلوڪي کان لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرين کان تمام وڌيڪ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ڪوششن کي جاندار بنائڻ جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا مان جنم وٺندر مسئلن جي روڪٿام ۽ حل اسان جو گڏيل مقصد آهي، اسان کي تڪرارن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، خاص طور تي پراڻا حل نه ٿيندڙ تڪرارن جيڪي عالمي امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻيل رهن ٿا ۽ انساني حقن ۽ عالمي انساني قانونن جون سنگين خلاف ورزيون شامل آهن، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ان جا روشن مثال آهن، هن چيو ته دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي عالمي مسئلا آهن ان حوالي سان عالمي برادري کي وڏي تعاون سان گڏوگڏ بنيادي سببن تي ٻڌل جامع ۽ موثر رد عمل ڏيڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي کي ڪنهن مذهب، قوميت، تهذيب سان نسلي گروهه سان ڳنڍي نٿو سگهجي، پاڪ??تا?? دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن ۾ سڀ کان اڳيان رهيو آهي، اسان 80 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اسان جي معيشت کي ڏيڍ بلين آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پر پوءِ به اسان پرعزم آهيون، هن افغان??تا?? جي صورتحال طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته پاڪ??تا?? جي لاءِ هڪ ويجهي پاڙيسري طور گذريل 40 س??لن کان تڪرار ۽ عدم استحڪام جي شڪار افغان??تا?? جو پرامن ۽ مستحڪم ٿيڻ انتهائي اهميت جوڳو آهي، گذريل س??لن ۾ افغان??تا?? ۾ امن ۽ مفاهمت جي حمايت لاءِ اسان جون سموريون ڪوششون ان طرف رهيون آهن، سڀني افغانين جي سلامتي ۽ ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. اڄ افغان??تا?? تاريخ جي اهم موڙ مان گذ??ي رهيو آهي، اسان کي چئلينجن ۽ موقعن کي واضح طور تي سمجهڻو آهي، آخرڪار 40 سالا جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني افغانين کي مصالحت ۽ نئين سر تعمير جي قابل بڻائڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان جو واضح پيغام ته آهي ته ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي. افغان??تا?? کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. افغان??تا?? ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي جا اثر سڄي دنيا تي پوندا، عالمي برادري کي افغان??تا?? کي وڌڻ ويجهڻ ۽ انساني بحران کان بچائڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. هن چيو ته آسيم جي ٽن ٿڀن ۾ ڪنيڪوٽي به شامل آهي، جيڪا اسان جي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا لاءِ خصوصيت اهميت رکندڙ آهي. جنهن جو بنياد امن، سلامتي، ترقياتي حصيداري ۽ ڪينڪوٽي تي آهي، علائقائي رابطو پاڪ??تا?? جي جاگرافيائي بيهڪ جي محور طور تي بنيادي حيثيت رکي ٿو. بي آر آءِ جي منصوبي تحت چين پاڪ??تا?? ۽ اقتصادي راهداري گوادر جي بندرگاهه وسيلي ڏکڻ ايشيا کي چين، وچ ايشيا، وچ اوڀر سان گڏوگڏ يورپ ۽ آفريقا سان ڳنڍي ٿي جيڪا سان جي وڏي خطي ۾ رابطي کي وڌائيندي، هي منصوبو نه رڳو ڏورانه?? علائقن مان شهرن تائين تيز رفتار لنگهه فراهم ڪندو پر سفر جي وقت ۽ خرچن کي به گهٽ ڪندو ۽ سڄي خطي ۾ روزگار جي موقعن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو، هن چيو ته اسيم پليٽ فارم تحت گڏيل احترام، برابر حصيدري ۽ گڏيل فائدي جي اصولن موجب اسان کي پنهنجي ملڪن جي شهرين جي وچ ۾ سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا کي وڌيڪ فعال انداز ۾ فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي صنفي برابري ۽ عورتن کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گڏيل اجتماعي ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح عورتن ۽ ڇوڪرين کي قومي ترقي ۾ موثر طريقي سان پنهنجو حصو وجهڻ جي قابل بڻائڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسان جي وڌندڙ تعاون سان عالمي امن ۽ استحڪام ۾ مدد ملندي ان سان اسان جي خطي ۽ دنيا ۾ بهتر مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ به مدد ملندي.