ڪراچي – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو آهي ۽ پا??ستان خطي ۾ معاشي مرڪز جي طور تي اڀريو آهي، آٽوموبائيل جي شعبي ۾ مقامي طور تي يونٽس جي تياري خوش آئنده آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ پروٽون سي جي ڊي پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ملڪ ۾ گاڏين جي مقامي يونٽس جي آجيان ڪئي ۽ نوجوانن کي منڊي جي گهرجن موجب هنر سيکارڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو ته پا??ستان جي وڌندڙ نوجوان آبادي کي هنرمند بڻائڻو آهي، صدر چيوته واپاري سرگرميون وڌائن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ملڪ ترقي ??ي راهه تي گامزن آهي ۽ امن جي ڪري پا??ستان هڪ معاشي مرڪز بڻجي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين سان سيڙپڪار متوجهه ٿيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو دبئي ايڪسپو ۾ پا??ستان پويلين منفرد نظر اچي رهيو آهي، صدر دنيا ۾ پا??ستان جي مثبت تشخص کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ڇو ته ماضي ۾ سازشن جي ذريعي ملڪ کي بدنام ڪيو يو، ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته عالمي لاڳاپن ۾ اصون کي سڀ کان وڌيڪ اوليت ڏني ويندي آهي، اصولن کي بنياد بڻائڻ سان الله جي رضا به شامل هوندي، ڪورونا ۾ موثر حڪمت عملي جي ذريعي ڪمزور طبقي کي تحفظ فراهم ڪيو ويو، ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ??ه دنيا ۾ هن وقت واپاري مفادن کي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي ۽ انساني قدرن کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو ذڪر ڪندي هن ??يو ??ه دنيا ۾ ڀارت جي هڪ وڏي واپاري پارٽنر هجڻ جي ڪري ان جا ڪشمير ۾ ڪيل ظلم ۽ ستم تي پردو وڌو پيو وڃي ۽ ان کي ڇوٽ ڏني ويندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ??ه دنيا ۾ واپار وڌندو آهي ته امن وڌندو آهي، واپارجي وڌڻ سان امن فروغ وٺندو آهي، گوادر جي بندرگاهه وچ ايشيائي رياستن کي افغانستان جي رستي هڪ گهٽ فاصلي جو رستو فراهم ڪندي، واپار جو ايترو وڏو رستو کلي رهيو آهي، صدر افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪند?? چيو ??ه دنيا افغانستان م يڪجهتي واري حڪومت چاهي ٿي پر هن وقت افغانستان جو نئين سر تعمير ۽ سپلائيرز سان گڏوگڏ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اتي استحڪام هجي، افغانستان سان دنيا جو واپار وڌندو ته امن جو امڪان وڌي ويندي. مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون اسان کي مستحڪم ڪندو آهي، هن ??يو ته ملائيشيا وانگر ديانتداري جي بيناد تي برينڊنگ ٿيڻ گهرجي، ماڻهن ??ي اها خبر هجي ته پروٽان ساگا ۾ جيڪو واعدو ڪيو اهو پورو ڪنداسين. اسلام اصولن ۽ قدرت جي ڳاله ڪندو آهي دنيا کي هن وقت عالمي لاڳاپن ۾ به اصولن جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پا??ستان جي حڪومت ڪورونا جي دروان بهترين پاليسي جوڙي ۽ پا??يسري ملڪ جي ابتڙ وڏي پئماني تي فوتگين کي روڪيو جنهن ??ي دنيا ساراهيو. عمران خان دنيا جون پهريون وزيراعظم آهي جنهن ??يو ته مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين ۽ ان طرح ماڻهن ??ي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو، تقريب کي ڪراچي ۾ ملائيشيا جي قونصل جنرل خير النظران خطاب ڪند?? چيو ته ملائيشيا ۽ پا??ستان جي وچ ۾ گڏيل دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا 1957ع کان قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل تعاون ڪري رهيا آهن، هن ??يو ته ملائيشيا دنيا جو واحد مسلمان ملڪ آهي جيڪو 1983ع کان مقامي طور تي پنهنجي ٽيڪنالاجي سان ڪارون تيار ڪري رهيو آهي، هن ??يو ته پروٽون ساگا ان جي هڪ علامت آهي، تقريب کي الحاج فاموٽرز ج?? چيف ايگزيڪيٽو آفيسر هلال خان آفريدي خطاب ڪندي آٽوموبائيل جي شعبي ۾ حڪومت جي اعلان ڪيل پاليسي جي واکاڻ ڪئي.