اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ ان پروگرام جو افتتاح ڪيو، ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ مان غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان پروگرام تحت 14 سئو ارب جا قرض 37 لک گهراڻن کي ڏنا ويندا، ڪامياب پاڪستان پروگرام جا پنج ح??ا آهن. ڪامياب آبادگارن جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار لاءِ پنج لک تائين بنا وياج جا قرص ڏنا ويندا. سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت هوندي، حڪومت جي ڪامي??بي سان جاري فني مهارت اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪار?? کي ڪامياب پاڪستان پروگرام سان جوڙيو ويندو.