اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽريز جي ڪاروباري اعتماد جي سروي ۾ پاڪستان جي ر??نڪ??گ جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول تي خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نماي??ن اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري آئي آهي. اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز او آءِ سي سي آءِ جي ڪاروباري اعتماد جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان مئي 2020?? جي منفي 50 سيڪڙو مان بهتر ٿي 59 سيڪڙو جي بهتري سان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبرن جو اعتماد 108 سيڪڙو جي انقلابي تبديلي سان 2020?? جي منفي 74 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 34 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اهو ڊرامائي اضافو آهي.