اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري ف??اد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان په??ائ?? جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بحالي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ پنهنجي ف??رسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.