پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي م??جب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽي جي م??جوده صورتحال، جاري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ افغان بارڊر تي خاردار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي م??صوبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ افغان بين الاقوامي سرحد تي سيڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال کي م??هن ڏيڻ لا??ِ ڪيل منصوبابندي کان به آگاهه ڪيو ويو، و??يراعظم پاڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ داخلي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لا??ِ کنيل عملي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي م??صوبن جي تڪميل لا??ِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي جيڪا علائقي جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لا??ِ اهم آهي، و??يراعظم ڪورونا، ماڪڙ، پوليو جي خاتمي جي م??م ۽ وڻڪاري جي دوران سول انتظاميه جي مدد تي به فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.