اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) عورت?? جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو آه?? ته عورتون خاص طور تي خصوصي ماڻهن کي تعليم جي ذريعي ئي معاشري جو فعال فرد بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن معاشري جو مرد عورتن سان تعاون ڪر?? ته معاشري جي ع??رت اڳتي وڌي سگهي ٿي، هر قسم جي صن??ي فرق جي خاتمي سان ئي عورتن جو تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. عورت?? جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، قومي اسيمبلي ميمبرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي ۽ جسماجي طور تي معذور عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ع??رت پارليامينٽ جي گروپ وومن ڪاڪس جي سربراهه منزه حسن چيو ته وومن ڪاڪس جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ اسان عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ۽ معاشري ۾ معذور عورتن ??ي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. وومن ڪاڪس ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ??ي قانونسازي تجويز ڪندي. هن چيو ته عورتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بينظير ڀٽو ۽ فاطمه جناح سميت پاڪستا?? جي قومي تاريخ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي واکاڻ جوڳو رهيو آهي، ڪورونا جي ڏينهن ۾ عورتن پنهنجي خاندانن کي پنهنجي روين ۽ سپورٽ سا?? جيڪو سهارو ڏنو ان جو مثال نٿو ملي. اسپيڪر اسد قصر جي ڌيءَ ذاله قيصر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سمورين عورتن کي ڪنهن به قسم جي صن??ي فرق کانسواءِ زندگي جا سمورا موقعا ڏيڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ آهي، ع??رت اڳواڻن کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ اسان کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو. ملڪ جو آئين به خصوصي ماڻهن کي سمورن بنيادي حق?? جي فراهمي تي زور ڏنو آهي. هن مطالبو ڪيو ته گونگن، ٻوڙن ماڻه?? جي لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ڏانهن ڌيان ڌنو وڃي ۽ اهڙن ماڻه?? جي سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو تاحيات هجڻ گهرجي، خصوصي ماڻه?? جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موقعن ۾ شرڪت ۽ تفريحي سرگرمين ۾ اضافو ڪيو وڃي. ميڊيڪل جي شاگردياڻي ثناءُ خورشيد چيو ته موٽر وي حادثي جي نتيجي ۾ هو جسماني طور تي معذور ٿي وئي آهي پر هن تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ڇو ته مون کي اهو محسوس ٿيو ته عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ ۾ تعليم ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. غير سرڪاري تنظيم اسٽيپ جي ڊائريڪٽر عاطف شيخ چيو ته هتي اسان ع??رت اڳواڻ?? جي ڪردار تي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اسان کي خصوصي ماڻه?? جي مائرن کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي ڇو ته انهن کي به تمام وڏن دردن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته اسان کي معاشري کي اهڙو بڻائڻ گهرجي جنهن ۾ خصوصي ماڻه?? جي معاشرتي ضرورتن تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي. موجوده حڪومت جو ان حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيل چيئر جي انڊرسٽري جي سهولت ڏني وڃي. ڊاڪٽر عائشه سليم چيو ته آئون پوري طرح نٿي ڏسي سگهان، رڳو انڌيري ۽ روشني ۾ تميز ڪرڻ جي حد تائين منهنجي نظر ڪم ڪندي آهي، الله تعاليٰ جي ڪرم، والدين ۽ استاد?? جي رهنمائي سان مون پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي معاشري جي حيثيت سان خصوصي ماڻه?? جي ضرورتن جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته اهڙن ماڻه?? جي تعليمي ضرورت?? جي لاءِ حڪومتي سطح تي اوزار?? جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضر??رت آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته معذور عورت?? جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته جنهن معاشري جو مرد تعاون ڪري ٿو ته ان معاشري جي ع??رت اڳتي وڌندي آهي. يو اين ايف پي اي جي نمائندي لينا موسيٰ عورت?? جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو خصوصي ماڻه?? جي سپورٽ جي حوالي سان قدم واکاڻ جوڳو آهي، هن چيو ته اسان کي ڏسڻ گهرج?? ته اسان صن??ي فرق جي خاتمي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. ڪوورنا جي صورتحال دوران پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان حوالي سان به اسان کي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي حقيقي معنيٰ ۾ اهڙي طرح سهارو ڏئي سگهجي ٿو جڏهن اسان انه?? جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين، هن قومي اسميبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پاڪستا?? جي حڪومت پاران خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني طور تي معذور عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ قدم?? جي واکاڻ ڪئي.