اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فوج مخالف بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آهي ته ??ومي ادارن جي خلاف ڳالهائڻ شرمناڪ آهن، اهڙي قسم جي ڳالهين ??ان دشمن کي خوش ڪيو پيو وڃي، اهڙا بيان ڀارتي ميڊيا تي بريڪنگ نيوز طور تي هلايا وڃن ٿا، مريم ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ پاڪستان جي ازلي دشمن ڀارت جي پاڪستان مخالف ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، حڪومت کان ڇا استعيفيٰ وٺندا پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي فيصلي کانپوءِ ته ??ي ڊي ايم قصه پارينه بڻجي چڪي آهي، عمران خان جو اهو موقف آهي ته جيڪڏهن نواز ۽ زرداري کي اين آر او نه ملي ??ا ته اڄ صورتحال تمام مختلف هجي ها، 18 هين ترميم کانپوءِ به فيڊريشن جي روح کي برقرار رکڻ لازمي آهي، 2021ع جو سال ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو سال هوندو، موجوده حڪومت پن??نجو مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سمورا واعدا پورا ڪري چڪي هوندي، سنڌ حڪومت پن??نجي سياسي مقصدن، پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪري ٿي جنهن ??ان تاثر پيدا ٿئي ته شين جي کوٽ يا قيمتن ۾ واڌارو ٿيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ??ان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.