اسلام آب??د – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي، پاڪستان خطي کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجن جو م??ابلو ڪرڻ جي لاءِ چين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خ??الن جو اظهار هن چيني دفاع واري وزير جنرل وي فنگ هي سان ڳالهائيندي ڪيو.