اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته حڪومت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت ٻارن جي ترقي، تعليم، صحت جي سارسنڀال، انهن جي وقار ۽ سلامتي جي حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، موجوده حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف پروگرامز شروع ڪيا آهن، مختلف قدمن جي ذريعي قانون جي حڪمراني ۽ معاشي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو پي?? وڃي، حڪومت ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي ۽ انهي موجب ماڻهن تي ان جي منفي اثرن کي گه?? ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتون ۽ حصيدارن سان گڏجي هر ممڪن مناسب قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسل چل??رن ڊي 2020ع جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو