اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جمهو??ي نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا، گلگت بلتستان ۾ صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ الي??ش ڪميشن جي ذميواري آهي، گلگت بلتستان کي صوبي جي آئيني حيثيت ڏيڻ جو فيصلو اليڪشن جي ڪ??ي نه پر اتان جي عوام جي امنگن جي ڏس ۾ ڪيو آهي، گلگت بلتستان پاڪستان جو معاشي بيس ڪئمپ ثابت ٿيندو، ??لگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جون چونڊون 15 نومبر 2020ع تي ٿينديون جنهن ۾ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، تحريڪ اسلامي پاڪستان ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ??جلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ ناصر عباس ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.