اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير ??لي عليزاده ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستح??م بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، مذهبي ۽ جاگرافيائي هڪ??هڙائي آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ??هڙو موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستح??م بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. ق??مي اسيمبلي ۾ قائم پاڪ آذربائيجان پارلياماني دوست گروپ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جي مسئلي جو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.