اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪر??چي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪر??چي جي عوام جي مشڪلاتن کان ح??وم?? مڪمل آگاهه آهي، ڪر??چي جي عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي و??ب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، م??اثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.