اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو، ڪامياب جوان ??رو??رام جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان، رقم جي ورهاست جو عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ملڪي معيشت تي منفي اثر ختم ڪرڻ لاءِ اهو ??رو??رام تمام گهڻو ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم خاص مددگار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ڪامياب جوان ??رو??رام جي تازه ترين انگن اکرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ??رو??رام تح?? نوجوانن ۾ رقم ورهائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي مشاورت به ڪئي وئي.