اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چ??و آهي ته اقليتن جي حق?? جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيال?? جو اظهار پاڪستان تحريڪ ا??صاف سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادر?? ۽ ??اڪستان تحريڪ ا??صاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.