ڪراچي – 21 اپريل (اي پي پي) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 اپريل تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا ??يا آهن، سنڌ حڪومت 18 سئو جو راشن به سنڌ ج?? ڪنهن خاندان کي ناهي ڏنو، وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي ناه?? وساريو، ??اڪ ڊائون ۽ ڪرونا جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور متاثر ٿيا آهن، اسان بنا ڪن??ن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ غريب عورتن کي امداد ڏني آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي وقت ۾ سنڌ ک?? وساريو نه آهي، ??اڪ ڊائون ۽ ڪرونا ??ائرس جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙيدار مزدور متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪومت رڳو اعلان ڪيو ته راشن ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو اڃا تائين ناهي مليو.