لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط قدمن جي ڪري حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ٻارن جو سوچيو عوام جو ن?? ۽ ??هڙا فيصلا ڪيا جن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ماضي ۾ مس??لن کي ڪارپيٽ جي هيٺان لڪايو ويو، بلن ۾ اضافو هڪ مشڪل فيصلو آهي، هاڻي معيشت بهت?? ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي. هو لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهي هئي.